ميڊرڊ ( ويب ڊيسڪ ) اسپين جي عدالت گلوڪاره شڪيرا کي ٽيڪس فراڊ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب اسپين جي هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته شڪيرا کان جرمانن جي مد ۾ ورتل 6 ڪروڙ يورو کان وڌيڪ رقم وياج سميت واپس ڪئي وڃي.
عدالتي دستاويزن موجب شڪيرا تي الزام هو ته هن 2012ع کان 2014ع دوران اسپين ۾ رهائش باوجود ٻاهرين ملڪ رهائش ظاهر ڪري لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 45 لک يورو ٽيڪس ادا نه ڪيو.
جڏهن ته اسپيني قانون موجب جيڪڏهن ڪو شخص 6 مهينن کان وڌيڪ اسپين ۾ رهي ته کيس ٽيڪس مقصدن لاءِ مقامي رهواسي سمجهيو ويندو آهي.
شڪيرا هميشه انهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته ان عرصي دوران سندس آمدني عالمي ميوزڪ ٽورز مان هئي ۽ هو گهڻو وقت اسپين کان ٻاهر رهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ شڪيرا استغاثه سان هڪ معاهدو ڪندي 75 لک يورو جرمانو ادا ڪيو هو جنهن بعد سندس خلاف ممڪن 8 سال قيد ۽ وڏي جرماني واري سزا ختم ڪئي وئي هئي، شڪيرا چيو هو ته هن اهو فيصلو پنهنجي ٻارن جي بهتر مفاد خاطر ڪيو۔


