رهڙڪي درٻار جو گدي نشين سنت سائين ساڌ رام صاحب ديانت ڪري ويو

1 Min Read

گهوٽڪي (جعفر شيخ): هندو برادري جو روحاني پيشوا ۽ رهڙڪي درٻار جو گدي نشين سنت سائين ساڌ رام صاحب ديانت ڪري ويو، جنهن جي خبر پکڙجڻ سان سڄي سنڌ جي هندو برادري ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي۔

گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي، اوٻاڙو ۽ خانپور مهر سميت ضلعي جا ننڍا وڏا شهر سوڳ ۾ مڪمل بند ٿي ويا، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون پڻ جاري آهن۔

سنت ساڌ رام صاحب جي لاڏاڻي تي ضلعي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔

سنت ساڌ رام صاحب ڪافي عرصي کان جگر جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ علاج لاءِ سنگاپور ۾ موجود هو، جتي هو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو۔

سنت ساڌ رام صاحب جو مڙهه اڄ رات پاڪستان پهچايو ويندو، جنهن بعد رهڙڪي درٻار ۾ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون۔

Share This Article
Leave a Comment