وفاق پاران صوبن کي 400 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙڻ جي هدايت

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ رهڻ ۽ نئين بجيٽ جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت چئني صوبن کي ايندڙ مالي سال ۾ پنهنجي روينيو ۾ گهٽ ۾ گهٽ 400 ارب روپين (تقريبن 40 سيڪڙو) تائين جو واڌارو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب صوبائي وزيرن سان وڊيو لنڪ ذريعي مشاورتي اجلاس دوران چيو ته آءِ ايم ايف مشن ملڪ جي هاڻوڪي مالي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، پر ايندڙ سال لاءِ صوبن کي زراعت، پراپرٽي ۽ سروسز سڪيٽر مان ٽيڪس اوڳاڙي وڌيڪ فعال بڻائڻي پوندي.
خاص طور تي سنڌ کي پراپرٽي ٽيڪس ۽ پنجاب کي زرعي انڪم ٽيڪس جي اوڳاڙي تيز ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڇو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال سبب وڌيڪ ٽيڪس جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي گنجائش گهٽ آهي.
نئين پلان تحت، صوبن جو گڏيل روينيو هدف وڌائي 1.95 ٽريلين روپيا ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ صوبا وفاق کي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو (تقريبن 2 ٽريلين روپيا) ڪيش سرپلس طور ڏيندا.
هوڏانهن ايف بي آر جو ايندڙ سال جو مجموعي ٽيڪس هدف 15.26 ٽريلين روپيا رکڻ جي تجويز آهي، جيڪو هاڻوڪي سال کان 13.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

Share This Article
Leave a Comment