تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيندي چيو ويو آهي ته تهران وٽ معاهدي لاءِ صرف ٻن کان ٽن ڏينهن جو وقت آهي، هو حملي جو حڪم ڏيڻ کان صرف هڪ ڪلاڪ پري هو پر ڳالهين کي موقعو ڏيڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.
ٻئي پاسي، آمريڪي نائب صدر جئي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻئي ملڪ جنگ نٿا چاهين.
هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽرمپ جي ڌمڪي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ايران گذريل جنگي صورتحال مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، جيڪڏهن مٿن ٻيهر جنگ مڙهي وئي ته دنيا کي حيران ڪندڙ نوان حالات ڏسڻا پوندا، ڇو ته ايران ڪنهن به حملي جو سخت جواب ڏيڻ لاءِ هاڻي پهرين کان وڌيڪ تيار آهي. ان ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.

جيڪڏهن ٻيهر جنگ ٿي ته دنيا حيران ٿي ويندي: عباس عراقچي
Leave a Comment Leave a Comment

