حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن ڇاپو: اسسٽنٽ مختيارڪار آفتاب سپيو رشوت وٺندي گرفتار

2 Min Read

حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ وڏي ڪارروائي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) آفيس مان اسسٽنٽ مختيارڪار آفتاب سپيو کي مبينا طور لکن رپين جي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب هڪ متاثر شهريءَ جي شڪايت تي ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن مٿان زمين جي معاوضي ۾ مليل 18 لک رپين جي چيڪن تان 3 لک رپيا رشوت گهرڻ جو الزام آهي.
شهري جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ مختيارڪار رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ معاوضي جا چيڪ روڪڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جڏهن ته هو پاڻ کي اعليٰ آفيسرن جو فرنٽ مين ظاهر ڪري اوڳاڙيون ڪندو هو.
اينٽي ڪرپشن اختيارين جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.
ٻئي طرف، هن گرفتاريءَ کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس پاران هڪ وضاحتي بيان جاري ڪندي اسسٽنٽ مختيارڪار آفتاب سپيو جي مبينا ڪرپٽ سرگرمين کان مڪمل لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي آهي.
ڊي سي آفيس جي ترجمان اينٽي ڪرپشن جي هن ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته بدعنواني ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي بخش نه ڪيو ويندو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته آفتاب سپيو کي عهدي تان معطل ڪرڻ ۽ مٿس کاتي وار ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ معاملو لاڳاپيل اختيارين ڏانهن اماڻيو ويو آهي ۽ ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ لاءِ جاچ ڪندڙ ادارن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment