اسلام آباد/تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگ بندي ختم ٿيڻ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ٻنهي ملڪن کي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.
پاڪستاني گهرو وزير محسن نقوي هڪ هفتي اندر ٻيون ڀيرو هڪ اهم پيغام کڻي تهران پهتو آهي، جتي هن ايراني صدر مسعود پيزشڪيان ۽ پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه سان ملاقاتون ڪري ڳالهين جي تڪرار کي حل ڪرڻ تي غور ڪيو.
ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن، پر هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مقرر وقت ۾ معاهدو نه ٿيو ته سخت فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي. ان جي جواب ۾ ايران تباهي واري جنگ جي خبرداري ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر حملو ڪيو ته هيءَ جنگ رڳو وچين اوڀر تائين محدود نه رهندي.
ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جو چوڻ هو ته هو جنگ کان بچڻ لاءِ تيار آهن ۽ سندن طرفان سڀئي رستا کليل آهن پر ايران کي دٻاءُ ذريعي جهڪائي نٿو سگهجي.
هوڏانهن سعودي عرب پاڪستان جي ان ٽياڪڙي جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته رياض کي اميد آهي ته ايران هن موقعي مان فائدو وٺندي خطي ۾ امن لاءِ هاڪاري جواب ڏيندو. هن ڊپلوميسي کي موقعو ڏيڻ تي صدر ٽرمپ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو.
ان سان گڏ ترڪي جي صدر طيب اردگان پڻ صدر ٽرمپ سان رابطو ڪري جنگ بندي جي واڌ کي ڀليڪار چيو آهي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون
Leave a Comment Leave a Comment

