سنڌ ۾ عيد جا ڏينهن هيٽ ويو ۾ گذرندا، ادارن جي اڳڪٿي

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي موسميات کاتي خميس ڏينهن هڪ ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته 25 کان 31 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ سخت ترين هيٽ ويو برقرار رهندي، جنهن دوران ڪجهه علائقن ۾ پارو 50°C تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۾ 27 مئي تي عيد الاضحيٰ ملهائي ويندي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت 26 کان 28 مئي تائين ٽن ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان به ڪري رکيو آهي.
موسميات کاتي موجب، 25 مئي کان مٿئين فضا ۾ هاءِ پريشر سسٽم ٺهڻ ڪري گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگريون وڌيڪ رهندو.
سنڌ جي ضلعن سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ پنجاب توڙي بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 47 کان 50°C تائين وڃي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۾ موسم تمام گرم رهندي ۽ پارو 35 کان 38°C جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
هن کان اڳ 4 مئي تي ڪراچي ۾ 44.1°C گرمي سبب 10 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
عملدارن پاران شهرين، خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي بنا ضرورت اس ۾ نه نڪرڻ، پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ، ۽ بجلي توڙي پاڻي جو احتياط سان استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
آبادگارن کي پڻ پنهنجي فصلن ۽ مال موند جي خاص حفاظت ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment