سکر (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي، ٿاڻو آباد ملاڻي محمود آباد جي حد ۾، 9 ورهين جي معصوم نياڻيءَ جو زبردستي ننڍي عمر ۾ نڪاح ڪرائڻ جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي.
واقعي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شادي روڪرائي ورتي.
معصوم ٻارن جي حقن ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون توڙي لاڳاپيل ادارا هن معاملي تي مڪمل خاموش نظر اچي رهيا آهن.
مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺاڻي غلام مصطفيٰ جتوئي جي 9 سالن جي معصوم ڌيءَ مسمات حميرا جو نڪاح زبردستي عبدالرب عرف سروير جتوئي پٽ دلجان جتوئي سان پڙهايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نياڻي جي والدين پنهنجي سخت بيوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو علائقي جي سخت سماجي دٻاءَ ۽ پراڻين رسمن آڏو مجبور هئا، جنهن ڪري هو پنهنجي معصوم ڌيءَ جي مستقبل بابت آزاداڻو فيصلو نه ڪري سگهيا.
سماجي حلقن موجب ننڍي ڄمار جي اها شادي نه رڳو سنڌ جي قانون تحت ڳنڀير ڏوهه آهي، پر انساني حقن جي پڻ کليل ڀڃڪڙي آهي، جيڪا معصوم ٻارن جو مستقبل تباھ ڪري ڇڏي ٿي.
عوامي حلقن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، وومن پروٽيڪشن سيل ۽ ايس ايڇ او آباد ملاڻي محمود آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم نياڻي جي زندگي بچائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪري نڪاح ڪرائيندڙ ۽ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اهڙا واقعا معاشري لاءِ وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندا.

شڪارپور ۾ 9 ورهين جي نياڻيءَ کي زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش
Leave a Comment Leave a Comment

