سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف 5 شڪايتون رد

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان خلاف داخل ڪيل پنج ئي شڪايتون متفقه طور رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته انهن شڪايتن جا تفصيل به عوام آڏو جاري ڪيا ويا آهن۔

14 مئي تي ٿيل سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خلاف داخل ٿيل پنجن شڪايتن تي غور ڪيو ويو ۽ سڀئي شڪايتون گڏيل راءِ سان خارج ڪيون ويون۔

جاري ڪيل تفصيلن موجب پهرين شڪايت پشاور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طرفان 2016ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور ايڊيشنل سيشن ججن جي چونڊ دوران ميرٽ کي نظرانداز ڪيو۔ ڪائونسل اها شڪايت به رد ڪري ڇڏي۔

ٻي شڪايت ڪراچي جي رهواسي داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سندس ڪيس سپريم ڪورٽ طرفان بنا ٻڌڻي جي خارج ڪيو ويو، جيڪو مبينا طور “مس ڪنڊڪٽ” هو۔ اها شڪايت به متفقه طور رد ڪئي وئي۔

ٽين شڪايت ڪراچي جي رهواسي طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل سندس اڳوڻي شڪايت بنا ٻڌڻي جي خارج ڪئي۔ ڪائونسل اها درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي۔

چوٿين شڪايت وهاڙي جي رهواسي داخل ڪئي، جنهن ۾ الزام هو ته مارچ 2023ع ۾ هڪ ديواني ڪيس ۾ قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ فيصلو ڏنو ويو، جنهن واري بينچ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي پڻ شامل هئا۔ اها شڪايت به خارج ڪئي وئي۔

پنجين شڪايت لاهور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڊسمبر 2024ع ۾ هڪ وڪيل جي سپريم ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ “مس ڪنڊڪٽ” آهي۔ ڪائونسل اها شڪايت پڻ رد ڪري ڇڏي۔

تفصيلن موجب چيف جسٽس خلاف رد ٿيل پنجن مان ٽي شڪايتون سال 2025ع دوران داخل ڪيون ويون هيون، جن جا نمبر 746/25، 748/2025 ۽ 750/2025 هئا۔

قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن شخص جي شڪايت سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان خارج ڪئي وڃي ته هو چاهي ته پنهنجي نالي ۽ شڪايت جي تفصيلن کي عوامي ڪري سگهي ٿو۔ ان کان اڳ خلاف خارج ٿيل شڪايتن جا تفصيل به پبلڪ ڪيا ويا هئا۔

Share This Article
Leave a Comment