رضوان آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز کيڏندو يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي خلاف ايندڙ ون ڊي سيريز مان ڊراپ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔

رپورٽن موجب آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ سليڪشن ڪميٽي، هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان وچ ۾ صلاح مشوري بعد ٽيم کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان جي شموليت جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن۔

ذريعن مطابق مائيڪ هيسن ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ هاڻي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ به محمد رضوان کي شامل ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي.

33 ورهين جي محمد رضوان پاڪستان لاءِ 103 ون ڊي ميچن ۾ 40.08 جي اوسط سان 2979 رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ 4 سينچريون ۽ 19 ففٽيز شامل آهن۔ وڪيٽ ڪيپر طور هن 113 ڪيچز ورتيون ۽ 7 اسٽمپ آئوٽ ڪيا.

ان کانسواءِ مارچ 2026ع ۾ خلاف ٽن ون ڊي ميچن ۾ محمد رضوان صرف 58 رنسون ٺاهيون هيون۔

اطلاعن موجب 15 مارچ 2026ع تي بنگلاديش خلاف ٽئين ون ڊي ۾ بيٽسمين طور ڊيبيو ڪندڙ کي آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ به اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻئي وڪيٽ ڪيپر لاءِ ۽ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ٿي سگهي ٿي۔

واضح رهي ته آسٽريليا جي ٽيم 23 مئي تي پهچندي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 22 مئي کان ۾ ٽريننگ شروع ڪندي ۽ هڪ پريڪٽس ميچ پڻ کيڏندي۔

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جا ميچ 30 مئي، 2 جون ۽ 4 جون تي کيڏيا ويندا۔

Share This Article
Leave a Comment