نوشهرو فيروز ڀرسان موري ٺاهڻ تان قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

2 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز جي علائقي ڳوٺ دائم مري ۾ گذريل ڏينهن رستي تي موري ٺاهڻ تان مري برادري جي سوٽن ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ شخص محمد اسلم مري موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ خلاف وارثن مقتول جو لاش ايس ايس پي آفيس جي گيٽ اڳيان رکي سخت احتجاجي ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي ڀائرن اڪرم، محمد اشرف، شمن علي، شاهنواز ۽ عورتن مسمات سرداران توڙي جھلان خاتون دانهيندي چيو ته زمين اسان جي ملڪيت آهي، جنهن تي غلام اڪبر، غلام قاسم، ياسين ۽ شهمير مري سري عام فائرنگ ڪري اسان جي ڀاءُ اسلم مري کي بي گناهه قتل ڪري ڇڏيو.
هنن الزام هنيو ته دريا خان مري پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران ابتو اسان جي ئي هڪ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.
وارثن چيو ته انصاف نه ملڻ ڪري اسان لاش دفن ڪرڻ بدران هتي آندو آهي، جيسيتائين قاتل گرفتار نه ٿيندا تيسيتائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.
ڌرڻي جي اطلاع تي ڊي ايس پي سٽي محمد موسيٰ ابڙو نفري سان گڏ ايس ايس پي آفيس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون.
ڊي ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو گذريل ڏينهن واقعي واري هنڌ پهتو هو پر جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا هئا.
هن وارثن کي يقين ڏياريو ته هو پاڻ گڏ هلي دريا خان مري ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو ۽ قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
پوليس جي خاطري کانپوءِ وارثن ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ لاش کڻي ٿاڻي ڏانهن روانا ٿي ويا.

Share This Article
Leave a Comment