اوستا محمد (ويب ڊيسڪ) اوستا محمد جي باءِ پاس واري علائقي ۾ غيرت جي نالي تي مڙس فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واري کي بي رحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، جوابدار ضمير بليدي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي زال تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
واقعي کانپوءِ جوابدار هٿيار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
هوڏانهن اطلاع ملڻ تي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

اوستا محمد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل
Leave a Comment Leave a Comment

