ڀارتي فاسٽ بالر جسپرت بمرا جو انوکو رڪارڊ

1 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي فاسٽ بالر جسپرت بمرا ٽي20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ انوکو ۽ منفي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي۔

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي انڊينز جي طرفان کيڏندي سندس آءِ پي ايل 2026 جو سيزن انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو.

 رپورٽ مطابق جسپرِت بمراه ٽورنامينٽ ۾ هر وڪيٽ جي بدلي 100 کان وڌيڪ رنس ڏيڻ وارو پهريون بالر بڻجي ويو آهي۔

هن 13 ميچن ۾ 8.37 جي اڪانومي ريٽ سان مجموعي طور 294 رنز ڏنيون، جڏهن ته صرف 4 وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو۔ سڄي سيزن دوران هو ڪنهن به ميچ ۾ هڪ کان وڌيڪ وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو۔

ان جي بالنگ اوسط 102.50 ۽ اسٽرائڪ ريٽ 73.50 رهي۔ انگ اکر 40 اوورن جي گهٽ ۾ گهٽ اهليت واري معيار تي ٻڌل آهن۔ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مخالف بيٽسمينن سندس خلاف خطرو کڻڻ بدران احتياط سان راند ڪئي۔

ممبئي انڊينز جي ٻين بالر طرفان وڌيڪ رنس ڏيڻ سبب بيٽسمينن بمراه کي احتياط سان کيڏيو، جنهن ڪري هو وڪيٽون وٺڻ ۾ مشڪلاتن جو شڪار رهيو۔ باوجود خراب رڪارڊ جي هو ڪيترن ئي ميچن ۾ رنسن جي رفتار کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو۔

Share This Article
Leave a Comment