ڪنڊيارو ۾ ڏيڍ لک ماليت جي ٻڪري چوري، عورت جون انصاف لاءِ دانهون

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ شيرمحمد جوڳي واسڻ مسمات مومل زال مختيار جوڳي جي ڏيڍ لک روپين ماليت جي ٻڪري اڻڄاتل چور مبينا طور ڀت ڀڃي چوري ڪري ويا.
متاثر عورت قرآن پاڪ کڻي آسپاس ۾ ٻڪري جي ڳولا ڪندي ٻڌايو ته هو غريب مسڪين آهن ۽ چوري سبب سخت پريشان آهن.
هن ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايڇ او ڪنڊيارو ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺي چوري ٿيل ٻڪري واپس ڪرائڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment