ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان جاري ٿيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر شهري پيدائشي طور تي 3 لک 33 هزار رپين جو قرضدار بڻجي چڪو آهي.
سرڪاري انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال دوران في شهري قرض ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن سان هر پاڪستاني تي قرض جو بار لڳ ڀڳ 39 هزار رپيا وڌيڪ وڌي ويو آهي.
رپورٽ موجب ملڪ جو مجموعي عوامي قرض 80.5 کرب رپين کان وڌي ڪري ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان تي مجموعي قرضن جو ڪاٿو 97 هزار 307 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
قرضن جو هي بار ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي لڳ ڀڳ 76 سيڪڙو برابر آهي.
اقتصادي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته قرضن ۾ مسلسل اضافو قومي معيشت لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن قرضن جو هي رجحان جاري رهيو ته مستقبل ۾ حڪومت کي مالي نظم و ضبط، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي وارن شعبن ۾ وڌيڪ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

هر پاڪستاني تي 3 لک 33 هزار رپين کان وڌيڪ قرض جو بار
Leave a Comment Leave a Comment

