مير نادر علي ابڙو کي ترقي ڏئي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزيرجي حڪم تي چيف سيڪريٽري سنڌ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ اهم تبديلي آندي آهي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مير نادر علي ابڙو کي تڪڙي نوٽيفڪيشن ذريعي ترقي ڏئي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
مير نادر علي ابڙو ناميارو اديب، ڪالم نويس، سماجي اڳواڻ ۽ سينيئر پوليس آفيسر طور سڃاتو وڃي ٿو.
هو مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي، جيڪو ادب، صحافت، تعليم ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان نمايان حيثيت رکندو هو.
مير نادر علي ابڙو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ هڪ عوام دوست ۽ بهتر ساک رکندڙ آفيسر طور مشهور آهن، سندس ترقي تي ادبي، سماجي ۽ علمي حلقن خوشي جو اظهار ڪندي کين مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment