ڪراچي/عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر جي مالڪ ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسر ممتاز علي ڀٽي تي 12 ورهين جي نينگري سان مبينا نازيبا حرڪت ڪرڻ جو الزام سامهون آيو آهي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته حڪومت سنڌ کيس فوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب نينگري جي ڀاءُ جي فرياد تي جوابدار خلاف جنسي زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر مطابق فريادي دعويٰ ڪئي آهي ته هن 2 مئي تي پنهنجي ڀيڻ سان مبينا غيراخلاقي حرڪت ٿيندي ڏٺي، جڏهن ته سينٽر ۾ لڳل سي سي ٽي وي رڪارڊنگ مان به واقعي بابت ڄاڻ ملي آهي.
جوابدار ممتاز علي ڀٽي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي.
سنڌ حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺندي ممتاز علي ڀٽي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 3 رڪني جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪندي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلوءَ کان جاچ جاري آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

عمرڪوٽ ۾ نينگري سان غيراخلاقي حرڪت جو الزام، سوشل ويلفيئر آفيسر گرفتار ۽ معطل
Leave a Comment Leave a Comment

