اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد ٽيڪس نظام کي وڌيڪ آسان بڻائڻ ۽ واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هي اسڪيم ننڍن دڪاندارن جي مشاورت ۽ مطالبن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي خواهش آهي ته ٽيڪس نظام سادو ۽ آسان هجي.
ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظہر ڪياني ٻڌايو ته اسڪيم انهن دڪاندارن تي لاڳو ٿيندي جن جي سالياني وڪرو 20 ڪروڙ رپين يا ان کان گهٽ آهي.
هن چيو ته دڪاندارن لاءِ رڳو هڪ صفحي جو فارم تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي مال جي وڪري بابت تفصيل داخل ڪندا. اسڪيم تحت دڪاندار کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ٽيڪس طور جمع ڪرائڻا پوندا، جڏهن ته وڌيڪ ٽرن اوور رکندڙ دڪاندارن کان هڪ سيڪڙو جي حساب سان ٽيڪس ورتو ويندو.
بلال اظہر ڪياني موجب جيڪڏهن دڪاندار کان اڳ ۾ ئي ود هولڊنگ ٽيڪس ڪٽيل هوندو ته ان کي هن اسڪيم ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته واپاري تنظيمن ۽ انجمن تاجران جي مشاورت کان پوءِ هي اسڪيم آندي پئي وڃي ۽ جيڪو به دڪاندار ان مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو، اهو فارم ڀري اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
مملڪتي وزير ٻڌايو ته اسڪيم ۾ شامل ٿيندڙ دڪاندارن کي ايف بي آر طرفان هڪ خاص پليٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن تي دڪاندار جو نالو، دڪان جو نالو ۽ ٻيون ضروري تفصيلون درج هونديون. هن چيو ته فائلر ۽ نان فائلر ٻئي دڪاندار هن اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.
بلال اظہر ڪياني جو چوڻ هو ته اسڪيم مان فائدو وٺڻ لاءِ دڪاندار جي ٽيڪس ادائيگي گهٽ ۾ گهٽ گذريل سال جي برابر هجڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪيم ۾ شامل دڪاندارن کي پوائنٽ آف سيل (POS) سسٽم کان به ڇوٽ حاصل هوندي.


