نوشهروفيروز: ويگو ڊالي موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، ٿڏي تي فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان تعمير هيٺ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ويگو ڊالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب فوتي ۽ زخمي جو تعلق ڀٽو برادري سان آهي.
زخمي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ذريعن موجب تعمير هيٺ قومي شاهراهه تي حفاظتي انتظام نه هجڻ سبب هلندڙ مهيني دوران فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي، جنهن تي مسافرن ۽ ڊرائيورن پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment