نوشهروفيروز: پسند جي شادي ڪندڙ فوزيا کوکر جو نئون بيان، مائٽن جا الزام رد

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ پنج مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ اسپيشل برانچ اهلڪار امداد سولنگي ۽ فوزيا کوکر جو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي.
فوزيا کوکر ميڊيا اڳيان بيان ڏيندي پنهنجي مائٽن جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن.
هن چيو آهي ته هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي ۽ ڪنهن به کيس اغوا ناهي ڪيو.
هن ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کان تحفظ جو مطالبو ڪندي چيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي برادري جي ڪجهه ماڻهن سميت نامعلوم ماڻهن کان جان جو خطرو آهي.
فوزيا کوکر ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته معاملي جي صورتحال ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ برقرار آهي۔

Share This Article
Leave a Comment