ڏهرڪي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري 40 ورهين جو شخص فوت

1 Min Read

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو ريتي ۾ نجي ڪمپني جي مٽي کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري 40 ورهين جو لياقت علي سومرو فوت ٿي ويو.
اطلاعن موجب لياقت سومرو پنهنجي ڳوٺ محمد بخش چاچڙ کان ريتي اچي رهيو هو ته موٽر سائيڪل خراب ٿيڻ سبب هن ٽريڪٽر ٽرالي کان لفٽ ورتي.
ٽرالي مٿان ويٺل هجڻ دوران هو اوچتو هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو. کيس علاج لاءِ ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ريتي پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. فوتي ٽن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ هو.

Share This Article
Leave a Comment