سعيد ميمڻ کي فوري بازياب ڪرايو وڃي: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر بلوچستان مان اغوا ٿي ويل سعيد ميمڻ جي مبينا گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سندس فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته سعيد ميمڻ گذريل ٽن هفتن کان لاپتا آهي، پر هن وقت تائين سندس واپسي يا بازيابي لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي.

هن دعويٰ ڪئي ته سعيد ميمڻ بلوچستان کان ڪراچي واپس اچي رهيو هو، جتي کيس سندس پٽ سميت مبينا طور اغوا ڪيو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ کي فوري طور بازياب ڪري سندس خاندان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

هن معاملي تي سوشل ميڊيا تي پڻ #ReturnSaeedMemon هيش ٽيگ سان مهم هلائي پئي وڃي، جتي مختلف سماجي ۽ سياسي حلقا سعيد ميمڻ جي بازيابي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايس ٽي پي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment