وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم دوري تي ايران پهچي ويو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وفاقي گهرو وزيرمحسن نقوي اهم دوري تي ايران جي گادي واري شهر تهران پهچي ويو آهي، جتي هو ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب محسن نقوي تهران ۾ ايراني قيادت سان ملاقاتن دوران خطي جي مجموعي صورتحال، باهمي لاڳاپن ۽ اهم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير ڪرغزستان جي دوري تان واپسي بعد سڌو تهران وڃي رهيو آهي، جتي هو پاڪستان جي فوجي قيادت جو هڪ خاص پيغام پڻ پهچائيندو.

تهران روانگي کان اڳ وفاقي گهرو وزير لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سفارتي ڳالهين سميت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف، محسن نقوي کي تهران ۾ ٿيندڙ ملاقاتن بابت خاص هدايتون پڻ ڏنيون.

عرب ميڊيا جي رپورٽن مطابق محسن نقوي پنهنجي دوري دوران ايران سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ ممڪن مفاهمتي يادداشتن تائين پهچڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

سياسي مبصرن موجب وفاقي گهرو وزير جو هي دورو خطي ۾ جاري سفارتي سرگرمين ۽ اهم بين الاقوامي معاملن جي تناظر ۾ خاص اهميت رکي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment