نئين بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي مان 1727 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو هدف

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (PDL) جي مد ۾ 1727 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو هدف مقرر ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي هدف کان 292 ارب رپيا وڌيڪ هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ کان مئي تائين 1430 ارب رپيا ليوي وصول ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جون ۾ وڌيڪ 140 ارب رپيا گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت مالي سال جي پڄاڻي تائين مجموعي وصوليون 1570 ارب رپين تائين پهچي سگهن ٿيون، جيڪي مقرر هدف کان لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا وڌيڪ هونديون.
حڪومت جي آمدني وڌائڻ لاءِ پيٽروليم ليوي اهم ذريعو بڻجي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment