گلگت بلتستان ۾ چونڊن لاءِ پولنگ شروع، 24 سيٽن تي مقابلو

1 Min Read

گلگت: (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ 24 عام سيٽن لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جتي 403 اميدوار چونڊ ميدان ۾ آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب ووٽنگ صبح 8 وڳي کان بغير وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.
چونڊن ۾ 9 لک 58 هزار 480 ووٽر پنهنجو حقِ راءِ دہي استعمال ڪندا.
چونڊن لاءِ 1391 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 349 حساس ۽ 551 انتهائي حساس قرار ڏنا ويا آهن.
سيڪيورٽي لاءِ 17 هزار 500 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن اندر موبائل فون ۽ وڊيو رڪارڊنگ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment