ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مالي ذريعن موجب وفاقي حڪومت مالي سال 2026 جي پهرين 11 مهينن دوران بئنڪن کان 3.5 ٽريلين رپين جو وڏو قرض ورتو آهي، جڏهن ته نجي شعبي کي ساڳئي عرصي دوران رڳو 986 ارب رپيا قرض مليو.
اسٽيٽ بئنڪ جي ڊيٽا موجب حڪومت وڌندڙ خرچن کي هلائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس ۽ قرضن تي ڀاڙي رهي آهي، جنهن سبب نجي شعبي لاءِ ڪريڊٽ جي فراهمي محدود ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ايس ايم ايز ۽ هائوسنگ فنانس کي هٿي ڏيڻ جا حڪومتي اعلان باوجود عملي اڳڀرائي گهٽ نظر اچي ٿي.
ماهرن موجب آمدني ۾ کوٽ سبب حڪومت لاءِ بئنڪن کان قرض وٺڻ ئي بنيادي رستو رهجي ويو آهي، جڏهن ته بئنڪون به اهڙي صورتحال مان منافعو حاصل ڪري رهيون آهن.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب مالي هدف جزوي طور حاصل ڪيا ويا آهن، پر خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ايڪسپينڊيچر ڪمپريشن جي بنياد تي توازن برقرار رکيو ويو آهي.

وفاقي حڪومت جو 11 مهينن ۾ 3.5 ٽريلين رپيا قرض، معيشت تي دٻاءُ وڌڻ جا خدشا
Leave a Comment Leave a Comment

