ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي مهراڻ پوليس اسٽيشن جي حدن لال چندا باغ ۾ 65 ورهين جي غير شادي شده عورت پروين جو پنهنجي گهر مان لاش مليو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ۽ لاش کي وومين پوليس جي نگراني ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب عورت جي موت جا سبب فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري واقعي کي شڪي قرار ڏئي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جا اصل سبب سامهون ايندا، جڏهن ته شاهديون گڏ ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

ميرپورخاص: اڪيلي رهندڙ عورت جو گهر مان لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

