محسن نقوي جي ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات، وزيراعظم جو پيغام پهچايو

2 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي دوري دوران ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو خاص پيغام ايراني قيادت تائين پهچايو.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ايران خلاف جاري تڪراري صورتحال ۽ ان جي خاتمي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي به غور ڪيو ويو.

ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص پيغام ايراني سپريم قيادت لاءِ عباس عراقچي حوالي ڪيو.

پيغام جي متن يا ان جي تفصيلن بابت سرڪاري طور ڪا ڄاڻ جاري نه ڪئي وئي آهي.

ملاقات کانپوءِ ان حوالي سان خبرون ۽ تصويرون سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (ٽوئيٽر) تي پڻ جاري ڪيون ويون، جتي ٻنهي ملڪن جي سفارتي رابطن کي اهم قرار ڏنو ويو.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي جو هي دورو پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي معاملن تي ويجهي هم آهنگي جي ڪوششن جو حصو آهي.

Share This Article
Leave a Comment