ڪتي ڏاڙهيل حيدرآباد واسڻ عورت ۾ ريبيز جون علامتون ظاهر، حالت خراب

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ريبز جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي.
جناح اسپتال ڪراچي موجب حيدرآباد سان واسطو رکندڙ 35 ورهين جي عورت کي ڪتي جي چڪ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي معائني دوران سندس جسم ۾ ريبز جون علامتون ظاهر ٿيون.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته مريض عورت ۾ هائيڊروفوبيا (پاڻي کان خوف) سميت بيماري جون ٻيون علامتون به موجود هيون، جڏهن ته ٽيسٽن ۾ به ريبز جي تصديق ٿي.
اختيارين موجب ٽيسٽ هاڪاري اچڻ بعد وارث عورت کي پاڻ سان وٺي ويا.
ٻئي پاسي صحت کاتي موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ ڪتن جي چڪ جا 40 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته رڳو ڪراچي ۾ ريبز سبب 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

Share This Article
Leave a Comment