ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) هوٽلن، ريسٽورنٽن، گيسٽ هائوسن، لاجز، شادي هالن، مارڪين ۽ ايئر بي اين بي سهولتن تي نئون انٽرٽينمينٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
تجويز موجب انهن ادارن جي بل تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، جنهن مان ساليانو هڪ ارب رپيا آمدني حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي.
ڪي ايم سي اختيارين موجب ٽيڪس جي منظوري لاءِ تجويز ايندڙ بجيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون تي عوامي ٻڌڻي پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف مخالف ڌر ۽ ملازم تنظيمن نئين ٽيڪس تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته اڳ ۾ وصول ٿيندڙ (ايم يو سي ٽي) جي آمدني بابت به شهرين کي واضح حساب ڏنو وڃي.

ڪراچي وارن تي نئون مالي بار؟ تفريحي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا سانباها
Leave a Comment Leave a Comment

