دريا خان مري ۾ گهوٽ جي ڀاءُ کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ ڇرڪائيندڙ تفصيل

2 Min Read

نوشهروفيروز ( رپورٽ: عادل عباسي ) نوشهروفيروز ضلعي جي علائقي دريا خان مري ويجهو ڳوٺ عثمان خاصخيلي ۾ 23 ورهين جي نوجوان دلاور خاصخيلي کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس مقتول جي پيءُ طالب حسين خاصخيلي جي فرياد تي 4 ڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب فريادي پنهنجي بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس پٽ دلاور خاصخيلي ڪجهه ڏينهن اڳ مڱڻو ڪيو هو، جڏهن ته 6 جون تي سندس وڏي پٽ حاڪم علي خاصخيلي جي شادي جون تقريبون جاري هيون.

 فريادي جو چوڻ آهي ته دلاور جي مڱڻي هڪ اهڙي ڇوڪري سان ٿي هئي، جنهن جو رشتو جوابدار ڌر پڻ وٺڻ چاهي رهي هئي، جنهن سبب جوابدار ناراض هئا ۽ اڳ ۾ به ڌمڪيون ڏئي چڪا هئا.

ايف آءِ آر موجب شادي واري رات جوابدار غلام مصطفيٰ خاصخيلي دلاور کي ٻاهر گهرايو ۽ دريا خان مري هلڻ جو چئي پاڻ سان وٺي ويو. ڪجهه دير گذرڻ باوجود دلاور واپس نه آيو ته گهرڀاتين سندس ڳولا شروع ڪئي.

فريادي موجب ڳولا دوران ڪمند جي فصل مان دلاور جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. جڏهن هو ۽ ٻيا گهرڀاتي واقعي واري هنڌ پهتا ته دلاور سخت زخمي حالت ۾ پيل هو، جڏهن ته جوابدار هٿيارن سان ليس موجود هئا. فريادي الزام هنيو آهي ته جوابدارن چاقن ۽ ڏاٽي جا وار ڪري دلاور کي قتل ڪيو، جڏهن ته کين روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.

فريادي موجب دلاور خاصخيلي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا. پوليس مقتول جي پيءُ جي فرياد تي غلام مصطفيٰ خاصخيلي، پياس علي، علي شير ۽ صدا گل خاصخيلي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هوڏانهن مقتول جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي.

Share This Article
Leave a Comment