اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ايوانِ صدر ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو سياسي صلاحڪار رانا ثناءاللّٰه پڻ موجود هئا.
اجلاس دوران قومي سلامتي، اندروني امن امان، علائقائي صورتحال، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ، گلگت بلتستان جي تازين چونڊن، آزاد ڪشمير جي صورتحال ۽ ٻين قومي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
صدر آصف زرداري بجيٽ تجويزن تي ڳالهائيندي زور ڏنو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي، صوبن جي حقن ۽ معاشي استحڪام کي ترجيح ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن ۽ عوامي رليف جي اسڪيمن کي هم آهنگ بڻايو وڃي.
وزيراعظم هائوس جي طرفان محسن نقوي صدر کي پنهنجي ايران جي دوري ۽ علائقائي سفارتي رابطن بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ سينيٽر شييري رحمان، سيد نويد قمر، سليم مانڊوي والا، احد چيمه، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فيصل راٺوڙ ۽ راجا پرويز اشرف پڻ شريڪ ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ مهم کي ساراهيو ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس وڌايون پڻ ڏنيون.
وزيراعظم صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ”بلاول ڀٽو زرداري نوجوان آهي، هن نوجوانن تائين بهترين انداز ۾ پنهنجو پيغام پهچايو آهي، جنهن تي صدر آصف زرداري چيو ته آخر پٽ ڪنهن جو آهي.“
ذريعن موجب، ملاقات دوران وزيراعظم بجيٽ بابت پيپلز پارٽي جون ڪيتريون ئي تجويزون قبول ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي حڪومت سان بجيٽ ۾ سهڪار تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ بابت صلاح مشوري جو سلسلو جاري آهي.


