بخشاپور ۾ گهر اندر ستل نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل

1 Min Read

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربند جوابدارن هڪ گهر تي چڙهائي ڪري نوجوان صدرالدين چاچڙ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار رات جي وقت گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر اندر ستل نوجوان تي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment