ٽينس ليجنڊ سرينيا وليمز جي 44 سالن جي ڄمار ۾ ڪورٽ ۾ واپسي

1 Min Read

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) امريڪي ٽينس ليجنڊ ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون سرينيا وليمز 44 سالن جي ڄمار ۾ چئن سالن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي لاءِ تيار آهي.
23 گرينڊ سليم سنگلز ٽائيٽل کٽيندڙ سرينيا وليمز ڪوئنزلينڊ ڪلب ٽورنامينٽ جي ڊبلز مقابلن ۾ ڪئناڊا جي نوجوان رانديگر وڪٽوريا مبوڪو سان گڏ ايڪشن ۾ نظر ايندي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ سرينيا وليمز چيو ته مٿس واپسي جو ڪو به دٻاءُ ناهي ۽ هاڻي کيس ڪنهن آڏو پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته سندس وڏي خوشي اها هوندي ته سندس ٻئي ڌيئرون (اولمپيا ۽ آديرا) کيس ٻيهر ڪورٽ ۾ کيڏندي ڏسن.
سرينيا وليمز مستقبل ۾ سنگلز مقابلن ۾ واپسي جي امڪان کي رد ناهي ڪيو، پر ان جو چوڻ هو ته في الحال سندس پوري ڌيان رڳو ڊبلز مقابلن تي آهي.

Share This Article
Leave a Comment