راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي بيسما ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪري 14 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب بيسما جي علائقي نال ايريا ۾ آپريشن ڪيو ويو، جتي اطلاع دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع هو
بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد “فتنه الهندوستان” سان لاڳاپيل هئا ۽ مبينا طور تي علائقي ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ۾ مصروف هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن دهشتگردن جو مقصد پوليس اسٽيشنن ۽ بينڪن تي حملا ڪرڻ هو، جنهن کي سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو.


