گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ويجهو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي 17 سالن جي نوجوان ناريءَ مبينا طور ماءُ سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو آهي.
مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺاڻي سخاوت راجپوت جي 17 سالن جي نياڻي مسمات انجليءَ جو گهر ۾ ماءُ سان ڪنهن ڳالهه تان جهڙو ٿيو هو.
ناريءَ گهرو اڻبڻت ۽ سخت ڪاوڙ جي حالت ۾ گهر ۾ پيل زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ بچي نه سگهي ۽ فوت ٿي وئي.
نوجوان ناريءَ جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ شرط سندس گهر ۾ قيامت برپا ٿي وئي ۽ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.
ٻئي طرف، واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان گڏ واقعي جي مختلف رخن کان قانوني جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

گمبٽ ۾ 17 سالن جي ناري ماءُ سان ڪاوڙجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

