اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 72 ڪلاڪن دوران 48 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج خلاف مختلف انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون ڪندي 72 ڪلاڪن دوران مجموعي طور 48 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب تازيون ڪارروايون ميران شاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيون ويون، جتي 21 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ خالد، مفتون، موسيٰ ۽ عمران نالي اهم دهشتگرد به شامل آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 72 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ آپريشنز ۾ 4 رنگ ليڊرن سميت مجموعي طور 48 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ بيگناهه شهرين جي قتل سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي کي دهشتگردن کان مڪمل طور پاڪ ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري رهندا.

Share This Article
Leave a Comment