جيڪب آباد (رپورٽ-حاڪم علي) ڳڙهي خيرو: بلوچستان جي ضلعي اوستا محمد جو رهواسي 9 ورهين جو نويد شيخ سيوريج جي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
وارثن موجب، نويد شيخ مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل هو، جيڪو سيوريج جي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، لڳ ڀڳ پنجن ڪلاڪن جي مسلسل ڳولا کان پوءِ ٻارڙي جو مڙهه سيوريج جي نالي مان هٿ آيو.
02لاش کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن جاچ بعد سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. وارثن انتظاميا کان کليل ۽ غير محفوظ سيوريج نالن خلاف اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


