صوبن جو حصو ساڍا 57 سيڪڙو کان گھٽجي 46 سيڪڙو ٿي ويو

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ جي ناڪامين ۽ صوبائي حصن ۾ ڪٽوتيءَ بابت هڪ سخت مالي تجزيو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي نااهليءَ کي ڊيفينس بجيٽ ۽ قومي مفاد جي نعري هيٺ لڪائي رهي آهي.
تجزئي مطابق، دفاعي بجيٽ ۾ 500 ارب رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ڪاٿو 2500 ارب مان وڌي 3000 ارب رپيا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن رڳو دفاعي بجيٽ جو بار صوبن تي هجي ها ته سنڌ تي 100 کان 150 ارب رپين جو اثر پوي ها، جيڪو ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر وفاق پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙيءَ جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ 1200 ارب کان مٿي جي اضافي چٽي صوبن تي مڙهي ڇڏي آهي. هاڻي صوبن کي 500 ارب بدران 1800 ارب رپيا واپس ڏيڻا پوندا، جنهن ۾ اڪيلي سنڌ جو حصو لڳ ڀڳ 500 ارب رپيا بڻجي ٿو.
تجزئي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ گڏ ٿيندڙ 1650 ارب رپين مان صوبن جو جائز حصو 948 ارب رپيا بڻجي پيو ٿي، جنهن مان سنڌ کي 227 ارب رپيا ملڻا هئا، پر ان رقم تي ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيو ويو آهي. انهن مالي هيرڦيرن جي ڪري اين ايف سي ايوارڊ جي روح کي سخت نقصان پهتو آهي. صوبن جو آئيني حصو، جيڪو ساڍا 57 سيڪڙو (57.5%) مقرر هو، اهو عملي طور تي گهٽجي 46 سيڪڙو تي هليو ويو آهي، جڏهن ته وفاق جو حصو وڌي 54 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هي سڄو عمل اين ايف سي فورم کان مٿانهون ۽ مڪمل طور آئين پاڪستان جي لتاڙ ڪندي ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment