ميرپورخاص: (امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ علام علي لغاري ۾ اڻڄاتل چور رات جي اونداهي ۾ هڪ گهر ۾ داخل ٿي هڪ پاءُ چاندي ۽ 60 هزار رپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر شهري لال جي موجب چور گهر جي پوئين پاسي ڏاڪڻ لڳائي اندر داخل ٿيا ۽ ڪمري ۾ پيل چاندي ۽ نقد رقم کڻي ويا. واقعي سبب کيس مالي نقصان پهتو آهي.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ قانوني ڪارروائي سان گڏ جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ ملوث جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
متاثر شهري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مسروقہ سامان ۽ رقم برآمد ڪئي وڃي.

ميرپورخاص ۾ گهر مان چوري، چور چاندي ۽ 60 هزار رپيا کڻي فرار
Leave a Comment Leave a Comment

