58 ارب رپين جو آڊٽ رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي فوڊ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران 58 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ خوراڪ کاتي جي مالي سال 2024ع ۽ 2025ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري خوراڪ، مختلف ضلعن جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته مختلف ضلعن جي فوڊ ڪنٽرولرن 58 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جو رڪارڊ آڊٽ لاءِ فراهم نه ڪيو. ان ۾ لاڙڪاڻي، خيرپور، شڪارپور، ملير، مٺي، نوشهروفيروز ۽ ڪراچي جي فوڊ آفيسن جا رڪارڊ شامل آهن.

چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهڙو سوال اٿاريو ته ايتري وڏي رقم جو رڪارڊ آڊٽ کان ڇو لڪايو ويو آهي، جڏهن ته آڊٽ رڪارڊ پيش نه ڪرڻ بي ضابطگين ۽ مالي گهوٽالن جي شڪ کي جنم ڏئي ٿو.

خيرپور جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر موقف اختيار ڪيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو رڪارڊ سيل ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو، جنهن سبب آڊٽ کي دستاويز فراهم نه ڪري سگهيا. ان تي چيئرمين پي اي سي چيو ته جاچ ڪندڙ ادارا رڪارڊ کڻي وڃن ته به لاڳاپيل کاتي وٽ ڪاپيون موجود هجڻ گهرجن.

پي اي سي بي ضابطگين جي خدشي کي نظر ۾ رکندي رڪارڊ پيش نه ڪندڙ ڇهن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اجلاس دوران اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته خوراڪ کاتو 2023ع دوران ڄامشورو، سکر، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ 32 ارب رپين جي گندم خريداري جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. کاتي موجب اوپن مارڪيٽ ۾ گندم جي وڌيڪ اگهه سبب آبادگارن سرڪاري مرڪزن بدران مارڪيٽ ۾ وڪرو کي ترجيح ڏني.

خوراڪ کاتي اعتراف ڪيو ته هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ حڪومت 10 لک ميٽرڪ ٽن گندم خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو، پر رڳو 81 هزار ميٽرڪ ٽن گندم خريد ڪري سگهجي.

نثار احمد کهڙو چيو ته حڪومت اربين رپين جا قرض کڻي گندم خريد ڪندي آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي فلور ملن کي فراهم ڪري اٽي جي اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گندم جي کوٽ پيدا ٿي ته ڇا وري ملڪ کي ٻاهرين ملڪن کان گندم درآمد ڪرڻي پوندي؟

چيئرمين پي اي سي اهو به سوال اٿاريو ته جن ساڍن ٽن لکن آبادگارن کي 56 ارب رپين جي سبسڊي ذريعي مفت ڀاڻ ۽ ڊي اي پي فراهم ڪئي وئي، انهن کان سرڪاري خريداري لاءِ گندم حاصل ڪرڻ بابت ڪو پابند معاهدو ڇو نه ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment