لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته آمريڪا ايران معاهدي جي نتيجي ۾ آبناءِ هرمز کلڻ سان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن جو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ متوازن ۽ ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. پنجاب روينيو اٿارٽي (پي آر اي) گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي.
هن چيو ته رڪارڊ موجب وڏا ڪاروباري ادارا جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين، انهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ لاءِ اپاءَ تجويز ڪيا ويا آهن، پر وزير اعليٰ مريم نواز واضح ڪيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو.
صوبائي وزير موجب، مريم نواز سرجري ٿيڻ باوجود، ڊاڪٽرن جي مشوري کي نظرانداز ڪري بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايوان ۾ آئي، جڏهن ته بجيٽ ناڻي واري وزير کي پيش ڪرڻي هئي.
هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ سڀ کان پهريان اليڪٽرڪ بسون پهچايون ويون آهن، تنقيد ڪندڙن کي گهرجي ته تعصب جي عينڪ لاهي پنجاب ۾ ٿيل ترقياتي ڪم ڏسن.
اپوزيشن بابت هن چيو ته اپوزيشن ٻارن وانگر قطار ۾ بيهي بجيٽ ٻڌي، ان لاءِ سندن ٿورائتي آهيان.
عظميٰ بخاري موجب،، هن ڀيري پنجاب ٻيهر سرپلس بجيٽ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، زراعت ۽ سماجي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. صوبائي حڪومت پنهنجن وسيلن سان عوام لاءِ قدم کڻي رهي آهي.


