خيرپور (رپورٽر) جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملاح ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان غلام نبي ملاح جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ملاح برادري جي عورتن ۽ مردن پاران ايس ايس پي آفيس خيرپور آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ نعري بازي ڪئي وئي.
تفصيل موجب، مقتول نوجوان جي وارثن محمد عظيم ملاح، نثار احمد، اختيار خاتون، عابده خاتون، افضل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته غلام نبي ملاح جي بيگناهه قتل کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، پر حد جي پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
مظاهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي الزام هنيو ته پوليس جي سستي ۽ لاپرواهي سبب قتل ۾ ملوث جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، جنهن ڪري مقتول جا وارث ۽ پونئير سخت پريشان ۽ خوف واري صورتحال ۾ مبتلا آهن.
هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
وارثن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ نه آندو ويو ته هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندا.

خيرپور: نوجوان غلام نبي ملاح جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ايس ايس پي آفيس آڏو سخت احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

