سيوهڻ ويجهو گهر ٺاهڻ واري اسڪيم جا پئسا وٺڻ لاءِ ويل پيرسن جو لاش هٿ

2 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح ) سيوهڻ مان چار ڏينهن اڳ گهر ٺاهڻ واري اسڪيم جي قسط وصول ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ويل گم ٿيل پيرسن پورهيت محمد صديق هاليپوٽو جو لاش هٿ اچي ويو آهي.

وارثن موجب 65 ورهين جو محمد صديق هاليپوٽو 16 جون تي پنهنجي ڳوٺ نئون واھڻ مان گهر ٺاهڻ واري اسڪيم جي قسط جا هڪ لک رپيا وصول ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ۾ سنڌ بئنڪ ويو هو، جنهن کان پوءِ هو پراسرار نموني گم ٿي ويو.

وارثن الزام هنيو آهي ته نامعلوم جوابدارن پئسن جي لالچ ۾ محمد صديق هاليپوٽو کي اغوا ڪري بئنڪ مان ڪڍايل رقم ڦر ڪئي ۽ بعد ۾ کيس تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

وارثن موجب جوابدار مقتول کي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد سندس لاش جهاز چوڪ ڀرسان ٻوڙن ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ تي سيوهڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش کي سردخاني ۾ رکيو ويو. پوليس موجب لاش جو ڪجهه حصو جانورن به کاڌو هو.

مقتول جي سئوٽ انڙ ولد رجب هاليپوٽو جي فرياد تي سيوهڻ ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف قلم 302، 365 ۽ 34 پي پي سي تحت قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوسٽ مارٽم ۽ ٻين ضروري قانوني ڪاررواين بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment