اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ رانا ثناءُ الله بجيٽ کانپوءِ وزيراعظم جي تبديلي بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي.
صحافين سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه ماڻهو بي بنياد خبرون پکيڙي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته وزيراعظم جي تبديلي بابت ڪا به ڳالهه زير غور ناهي.
هن چيو ته موجوده وزيراعظم بهترين انداز ۾ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي ۽ سندس قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ۽ وقار حاصل ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي وقت ۾ وزيراعظم جي تبديلي بابت بحث ڪرڻ ملڪ دشمن عنصرن جو ڪم آهي.
رانا ثناءُ الله چيو ته حڪومت اپوزيشن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته جڏهن مسلم ليگ (ن) اپوزيشن ۾ هئي ته ان جي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا پئي ويا، تنهن هوندي به پارٽي سياسي عمل ۽ جمهوري روايتن تي يقين رکندي رهي.
هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياسي استحڪام، قومي ڀائيچاري۽ ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.


