ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم اندروني اختلافن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي بحث جو مرڪز بڻيل آهي، تڏهن پارٽي جي سينيئر ڪارڪنن کي اميد آهي ته اڳوڻي ڪراچي تنظيمي ڪميٽي (ڪي ٽي سي) جي انچارج حماد صديقي جي هڪ ڏهاڪي کان پوءِ واپسي سان پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي نئين سگهه ملندي.
گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سوشل ميڊيا تي حماد صديقي جي امڪاني واپسي بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن. ايم ڪيو ايم-پي جي ڪارڪنن ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن سان همدردي رکندڙ ماڻهن طرفان حماد صديقي سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي سندس جلد واپسي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
حماد صديقي 2013ع ۾ ان وقت ملڪ ڇڏي ويو هو، جڏهن لنڊن ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسينپاران ڪراچي تنظيمي ڪميٽي کي ختم ڪيو ويو هو. 2016ع کان پوءِ سندس موجودگي بابت ڪو واضح اطلاع سامهون نه آيو. 2017ع ۾ ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته کيس دبئي مان گرفتار ڪري پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويو، پر ان حوالي سان ڪڏهن به سرڪاري تصديق نه ٿي.
ذريعن موجب حماد صديقي جي واپسي اڳ به ممڪن هئي، پر ڪجهه قانوني معاملن سبب اها دير جو شڪار رهي. هاڻي سپريم ڪورٽ پاران بلديا فيڪٽري سانحي واري ڪيس ۾ اهم فيصلو اچڻ کان پوءِ سندس واپسي جون راهون هموار ٿينديون نظر اچي رهيون آهن.
پارٽي جي اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده قيادت جي اختلافن سبب تنظيم ۾ اهڙي شخصيت جي کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪارڪنن ۽ عوام سان سڌو رابطو رکي. سندن خيال آهي ته حماد صديقي پنهنجي دور ۾ ڪارڪنن لاءِ انتهائي رسائي وارو ۽ مسئلن جي حل لاءِ سرگرم اڳواڻ هو.
ذريعن موجب حماد صديقي جي تنظيم ۾ ذميوارين بابت حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي، پر سندس موجودگي ئي ڪارڪنن جي حوصلا افزائي ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ياد رهي ته 2009ع کان مئي 2013ع تائين ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو سمورو تنظيمي ڍانچو حماد صديقي جي نگراني هيٺ ڪم ڪندو هو. هو جلسن، ريليون، چونڊ مهمون، ڪارڪنن جي متحرڪ ڪرڻ ۽ احتجاجي پروگرامن جي نگراني جا ذميوار هئا.
جيتوڻيڪ سندس مخالفن مٿس سخت طرزِ عمل اختيار ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا، پر ڪيترن ئي سياسي مبصرن جو خيال آهي ته ان دور جا سياسي حالتون مختلف هيون.
ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم-پي جي سينيئر اڳواڻ امين الحق چيو ته حماد صديقي پارٽي جو وفادار ڪارڪن رهيو آهي ۽ مختلف “ڪوڙن ڪيسن” ۾ ڦاسايو ويو هو، جن ۾ بلديا فيڪٽري ڪيس به شامل هو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ نه رڳو ايم ڪيو ايم، پر حماد صديقي به سرخرو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پارٽي حماد صديقي جي واپسي جو ڀرپور استقبال ڪندي ۽ اميد رکي ٿي ته هو تنظيمي معاملن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.


