ڍاڪا/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): بنگلاديش جي مفرور اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد اعلان ڪيو آهي ته هوءَ هلندڙ سال پنهنجي ملڪ واپس ايندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب 78 ورهين جي شيخ حسينه هڪ انٽرويو دوران چيو ته هوءَ موت کان نٿي ڊڄي ۽ سندس خلاف آيل عدالتي فيصلو غيرقانوني ۽ سياسي آهي.
هوءَ آگسٽ 2024 ۾ شاگرد تحريڪ کانپوءِ ملڪ ڇڏي ڀارت هلي وئي هئي، جنهن بعد سندس 15 ورهين جو اقتدار ختم ٿيو هو. ان کانپوءِ هوءَ گهڻي عرصي تائين عوامي سطح تي نظر نه آئي.
شيخ حسينه چيو ته سندس خلاف سازشون ڪيون ويون، پر هوءَ هر ڀيري چونڊن ذريعي وزيراعظم بڻجندي رهي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو.
ياد رهي ته نومبر ۾ بنگلاديشي عدالت کيس وڳوڙن، قتل جا حڪم ڏيڻ ۽ مظاهرين کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي غير حاضري ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي.
ٻئي پاسي سندس جماعت عوامي ليگ جي سرگرمين تي به پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته بنگلاديش سندس حوالگي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ به برقرار آهي.


