نوشهروفيروز ۾ مبينا بجلي چوري خلاف ايف آءِ اي جي ڪارروائي

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مبينا بجلي چوري خلاف نوشهروفيروز ۾ ڪارروائي ڪندي مختلف فيڪٽرين ۽ علائقن ۾ ٽرانسفارمرن، بجلي جي ميٽرن ۽ ڪنيڪشنن جو تفصيلي معائنو ڪيو.

ذريعن موجب، ايف آءِ اي جي ٽيم موقعي تان تصويري ثبوت پڻ گڏ ڪيا ته جيئن مبينا بي ضابطگين ۽ بجلي چوري بابت حقيقتون معلوم ڪري سگهجن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايف آءِ اي ٽيم جي آمد جي اطلاع ملندي ئي سيپڪو سب ڊويزن نوشهروفيروز طرفان لاڳاپيل علائقن جي بجلي بند ڪئي وئي، جنهن جو مقصد مبينا طور اصل لوڊ کي لڪائڻ هو. جڏهن ته ان حوالي سان سيپڪو اختيارين جو سرڪاري موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment