لاهور: پرڏيهي عورتن سان زيادتي ۽ اغوا جو ڪيس، جوابدارن جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

1 Min Read

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس مک جوابدار سميت 4 جوابدارن کي جسماني رمانڊ وٺڻ لاءِ عدالت آڏو پيش ڪيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ اظهر محمود ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران لاهور ڊفينس پوليس طرفان گرفتار جوابدارن جي حاضري مڪمل ڪرائي وئي.

ٻڌڻي دوران فاضل جج جوابدارن جا چهرا سڃاڻپ لاءِ سندن ماسڪ لهرائي ڇڏيا.

پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته متاثر عورتون پرڏيهي آهن.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ گهربل آهي.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ مرڪزي چئني جوابدارن جو پنجن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي پوليس کي وڌيڪ جاچ جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳتي وڌائي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment