گمبٽ ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان ڀارو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ قيصر خان جاگيراڻي ۾ معمولي ڳالهه تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو استعمال ڪيو ويو، نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي دوران اميد جاگيراڻي، عبدالله جاگيراڻي، عبدالستار جاگيراڻي ۽ صاحب دين جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻي ڌر موجب ننڍن ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان تڪرار وڌي ويو، جنهن بعد بگن جاگيراڻي، ظهور جاگيراڻي، جاويد جاگيراڻي ۽ يونس جاگيراڻي مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي حملو ڪيو، جنهن سبب وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.

زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ٻي ڌر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر رابطو نه ٿي سگهيو.

Share This Article
Leave a Comment